اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني ب??ائ?? جي لاءِ ڪارڪنن کي مت??رڪ ڪن. وزيراعظم عمران خان سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪ??يٽ??ي اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال ب??ائ?? بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جو صدر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽي آءِ پنجاب جو صدر ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب جو صدر ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر ز??دي، پي ٽي آءِ بلوچستان جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ج?? ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل سيڪ??يٽ??ي عامر محمود ڪياني پڻ موجود هئا. وزيراعظم سمورن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ موثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ مت??رڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.