اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪستان نيوي ۾ 10 قطري سي ڪنگ هيلي ڪاپٽ?? ڪميشن ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب هيلي ڪاپٽرز پاڪستان نيوي جي ايئر بورن فليٽ ۾ ش??مل ڪيا ويا آهن، صدر اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني، 10 هيلي ڪاپٽر قطر جي اميري ايئرفورس پاران پاڪستان نيوي کي تحفي ۾ ڏنا ويا آهن.