اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ صنعتي شعبي جي ترقي انتهائي ??روري آهي، حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت جي لاءِ ??لڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي جاري ڪئي وئي، ڪورونا وبا دوران حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ??لڪ ۾ صنعتي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي صنعتي شعبي جي موجوده صلاحيت ۽ ترقي جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ??لڪ ۾ ڪورونا وبا جي باوجود صنعتي شعبي تمام گهڻي ترقي ڪئي ??نهن جو سڀ کان وڏو دليل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ آهي، تعميراتي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومتي پئڪيج جي ڪري ??لڪ ۾ نه رڳو اقتصادي بهتري آئي پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته مينوفيڪچرنگ سيڪٽر هن وقت جي ڊي پي جو 12.79 سيڪڙو آهي جڏهن ته حڪومت ان کي ??ڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ??هي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي سان ??لڪ ۾ روزگار جي فراهمي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کي ??ڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي ??ڌائڻ، ِسڪ ??ونٽس کي ??عال ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پلانٽ ۽ مشينري ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي ??هي جنهن تي عملدرآمد ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. ان کانسواءِ ٻاهرئين ??لڪ پاڪستانين جي ??لڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ننڍي ۽ وچولي پئماني تي صنعت جي ترقي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم صنعت?? ۾ ??يڙپڪاري جي حوصلا افزائي ??ي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، خسرو بختيار، حماد اظهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.