اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ نيشنل سوشل م??ڊي?? ڪوآرڊينيشن ورڪ??گ گروپ (اين ايس ايم سي ڊبليو جي) سان فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسينجر جي بنيادي ڪمپني (ميٽا) جي نمائندن حڪومت جي ڊيج??ٽل ٽرانسفارميشن جي سلسلي ۾ قدمن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آڪٽوبر 2021ع ۾ اين ايس ايم سي ڊبليو جي جوڙيو هو ته جيئن ڊيج??ٽل پليٽ فارمز سان ڳالهيون ڪري سوشل م??ڊي?? بابت پاليسين تي ڪم ڪري سگهجي. ورڪ??گ گروپ ڊيج??ٽل پليٽ فارمز جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي. ورڪ??گ گروپ سان پنهنجي پهرين اجلاس ۾ ميٽا جي نمائندن حڪومت کي پنهنجي انهن قدمن بابت آگاهه ڪيو جيڪي ڊيج??ٽل خواندگي، شموليت ۽ ڪم جي اهليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن رابطي، نقصانڪار مواد کي هٽائڻ جي لاءِ ٽولز ۽ سسٽمز، مقامي قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي فريم ورڪ جي تعميل ۽ مقامي مواد جي تخليقڪارن جي مدد ڪرڻ جي طريقن جي شعبن ۾ ممڪن گڏيل تعاون جي ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ميٽا جي سمورن پليٽ فارمز سان نقصانڪار ۽ غيرقانوني مواد کي موثر ۽ وقت سر معتدل بڻائڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڏس ۾ طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ مواد کي معتدل بڻائڻ ۽ مقامي قانونن جي تعميل جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. ميٽا جي ميمبرن ڊيج??ٽل منظرنامي تي موجودگي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته ميٽا اور ورڪ??گ گروپ اڪيڊميا، انڪيوبيشن سينٽرز، اسٽارٽ اپس ۽ ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪندڙن سان حصيداري ڪري پاڪستان ۾ ڪميونٽي ليب جي ممڪن قيام تي اتفاق ڪيو. اها ليب پاڪستان ۾ ڪنيڪٽيويٽي ايڪو سسٽم کي وڌائڻ ۾ مدد جي لاءِ جدي?? ٽيڪنالاجي جي حل تيار ڪرڻ ۽ جانچن جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ڏيندي. ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ميٽا جي پبلڪ پاليسي بابت هيڊ صارم عزيز چيو ته ورڪ??گ گروپ جي جوڙجڪ ڊيج??ٽل پليٽ فارمز جي لاءِ حڪومتي ڌرين سان رابطي ۾ رهڻ، ويزن ۽ خيالن جي حصيداري ڪرڻ ۽ گهربل ضرورتن جي سلسلي ۾ فوري ڪارروائي کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. اسان وڏي پئما??ي تي اقتصادي ترقي آڻڻ جي لاءِ ڪنيڪٽيويٽي انفراسٽرڪچر ۽ ڊيج??ٽل اپ اسڪلنگ پروگرامن ۾ حصيداري ڪريون ٿا ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي پاڪستان ۾ پائيدار ڊيج??ٽل معيشت بڻائڻ جي پاڪستان حڪومت جي ويزن کي ساراهيون ٿا ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ته آن لائين جايون محفوظ، آزاد ۽ پاڪستان ۾ هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون رهن. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ٻڌايو ته هي ميٽا سان هڪ نتيجاخيز ۽ ڪارائتي پهرين ڳالهه ٻولهه هئي ۽ ورڪ??گ گروپ ڊيج??ٽل سيڙپڪاري جي لاءِ مشاورت جاري رکي آهي جيڪا ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي ترقي کي سگهه ڏيندي. اسان ان ڏس ۾ ميٽا جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا جيڪا نه رڳو مقامي رابطي جي ڪوششن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي پر اها پاڪستاني ڪاروبارن ۽ تخليقڪارن جي لاءِ پنهنجي پليٽ فارمز تي بامعنيٰ، اعتماد جوڳي آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا به ڳولي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هي حڪومت ۽ ميٽا جي وچ ۾ پهريون اجلاس ٿيو آهي جنهن پاڪستان حڪومت ۽ ميٽا ۾ شروع ٿيندڙ ڪيترن ئي مصروفيتن جو تعين ڪيو آهي ڇو ته ٻئي سڄي ملڪ ۾ ڊيج??ٽل ڪنيڪٽيويٽي ۽ شموليت کي وڌائڻ جو وچن ڪن ٿا.