اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي عدم استحڪام جي ??ر چاڙهڻ جا ڪڌا ارادا ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي ۽ نفرت انگيز تقريرون برداشت جوڳيون نه آهن، پوري قوم بدامني پکيڙيندڙ عنصرن کي شڪست ڏيڻ جي لا??ِ متحد آهي، دهشتگرد عنصرن کي عبرت جو مثال بڻائڻ جي لا??ِ ڪيسن جي تيزي سان فيصلن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان (نيپ) بابت ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ايپڪس ڪميٽي پشاور حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لا??ِ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت دهشتگردن جي لا??ِ زيرو ٽالرنس رکي ٿي ۽ دهشتگرد عنصرن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لا??ِ ڪيس فوري اڪلائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جي خطري کي ناڪام بڻائڻ جي لا??ِ قومي ايڪشن پلان جي گهڻ رخي موقف سان گڏ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي عدم استحڪام جي ??ر چاڙهڻ جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته پوري قوم دهشتگردي جي ??عنت کي شڪست ڏيڻ جي لا??ِ متحد آهي. هن چيو ته عوام کي احساس آهي ته مختلف عنصر فرقيواريت ۽ نفرت انگيز تقريرن جي بنياد تي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر رياست اهڙن ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. ايپڪس ڪميٽي دهشتگردي جي خاتمي وارن ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ ضروري قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي لا??ِ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته صوبن کي سائنسي ٽيڪنڪ اختيار ڪري ۽ جديد فرانزڪ ليبز قائم ڪري موثر جاچ جي لا??ِ وڌيڪ وسيلا رکڻ جي ضرورت آهي. عدالتن ۾ دهشتگردي جي ڪيسن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو ويو. گهرو ڊويزن جي سيڪريٽري قومي ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي صورتحال بابت ت??صيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ دهشتگردي جي ??الي معاونت کي روڪڻ، پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ، دهشتگردي جي ڪيسن جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن، عسڪريت پسندي جي خلاف عدم برداشت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي، مدرسن جي ريگيوليشن ۽ رجسٽريشن جا قدم شامل آهن. فاٽا جي اڳوڻن علائقن جو انضمام، فوجداري نظا?? انصاف ۾ سڌارن، فرقيواراڻي دهشتگردي جو خاتمو، اسمگلنگ، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بلوچستان ۾ مفاهمتي عمل ۽ پناهگيرن بابت مسئلا شامل آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پلان جي گهڻن نقطن تي اطمينان جوڳو عملدرآمد ٿيو آهي جڏهن ته بين الصوبائي مسئلن جي لا??ِ صوبائي حڪومتن کان تعاون گهربل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب جي ??ڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سنڌ جي ??ڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي ??ڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد، چيف سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس ۽ سينيئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.