اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ??تا?? هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پاڪ??تا?? جي حاڪميت ۽ سالميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عا??مي سازش تيار ڪئي وئي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪو به حرج نه آهي پر حڪومت جي تبديلي ۾ غير ملڪي سازش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر جا مُک اڳواڻ ان سازش جو حصو آهن، مخالف ڌر ڌمڪي واري خط جا نڪتا ڏسڻ کان به انڪاري آهي، اسان اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آ??يو?? ته عمران خان کي هٽائڻ جي عا??مي سازش ۾ سياسي ڪردارن کانسواءِ ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن، عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي جيڪو پاڪ??تا?? جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڌمڪي واري خط جو جائزو ورتو ويو، ان حوالي سان ڪجهه فيصلا به ڪيا ويا، هن چيو ته اهو قابل اعتراض خط آهي جيڪو پاڪ??تا?? جي حڪومت کي لکيو ويو جنهن ۾ واضح طور تي حڪومت تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته خط نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ به بحث هيٺ آندو ويو، ان کانپوءِ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس طلب ڪيو ويو، وزيراعظم اڄ رات ان حوالي سان قوم کي به خطاب ڪندو، سڀاڻي ان تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي جنهن جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪ??تا?? هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ٿئي ته ان ۾ ڪو به هرج نه آهي پر جهڙي طريقي سان هتي تبديلي تي زور ڏنو ويو ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان پارلياماني اڳواڻ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي به گهرايو ته جيئن اهي ثبوت ڏسن پر مخالف ڌر اهي ثبوت ڏسڻ کان انڪاري آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جا ڪجهه مک اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن جيڪي ٻاهرين طاقتن کان ڊڪٽيشن وٺي رهيا آهن، انهن جو بنيادي مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ پنهنجي اکين سان اهي ثبوت ڏسي سگهن ٿا پر اهي هي ثبوت ڏسڻ کان ئي انڪاري آهن، ان مان اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مخالف ڌر اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن. هن چيو ته ان سازش ۾ مخالف ڌر جا سمورا ماڻهو شامل نه آهن، پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجا فيصلا هولڊ ڪن، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اچن ۽ پاڻ اهي د??تا??يز ڏسن جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائن جي سازش هڪ عا??مي سازش آهي ۽ ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملوث آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا هند??تا?? ۽ اسرائيل جي سفارتخانن سان رابطا ڪنهن کان لڪل نه آهن، ان کانسواءِ پاڪ??تا?? جي ميڊيا جا ڪجهه سينئر ماڻهو به انهي سازش ۾ شامل آهن، هن چيو ته ان سازش جو آغاز نواز شريف جي اپارٽمينٽ مان ٿيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان آخري بال تائين وڙهندڙ رانديگر آهن، هو قطئي طور تي استعيفا نه ڏيندو، عمران خان پاڪ??تا?? جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ عمران خان جي دور ۾ پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿي آهي، جڏهن هند??تا?? ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آئي ته ان وقت جي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن جو تعاون نه هجي ها ته هو هند??تا?? کي غلام نه بڻائي سگهي ها. اڄ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو عمران خان کي هٽائڻ جي عا??مي سازش ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي عوام ان سازش کي ڏسي رهي آهي، اسان قطئي طور تي پاڪ??تا?? جي حاڪميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، اسان پاڪ??تا?? جي حاڪميت، پاڪ??تا?? جي مانهن جي وقار ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي عزت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيـٺل رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر اچي ?? ثبوت ڏسي، ان کانپوءِ ڪنهن جي دل ۾ ڪو سوال آهي ته اهو پڇي، ان سڄي صورتحال کانپوءِ مخالف ڌر کي غيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حيثيت نه آهي، اصل معاملو اهو آهي ته پاڪ??تا?? جي عوام ڇا چاهي ٿي ۽ هو ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، اجلاس جي حوالي سان پڌرنامو جاري ٿي ويندو.