اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ مملڪتي وزير جو حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جا ميمبر ۽ اعليٰ سي??سي عملدار به موجود هئا. سينيٽر مصدق ملڪ ڪابينا جي جوڙجڪ جي چوٿين مرحلي ۾ ان عهدي جو حلف کنيو، ان کان اڳ 19 اپريل، 22 اپريل ?? 27 اپريل تي حلف برداري جون تقريبون ٿيون هيون، نئين وفاقي ڪابينا پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان پيپلزپارٽي سميت ٻين پارٽين تي ٻڌل آهي