اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ??ندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ??ئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظ??م يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته ??ڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ??ندي چيو ته ??طري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪ??لي?? نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا وڃن.