اسلام آباد – 05 – جو??اءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري س??ل سرونٽ عبدالله مرحوم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس پي 1967ع بئچ سان تعلق رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته س??ل سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ٿيو، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس س??ل سرونٽ، هڪ ناليوارو اسڪالر ۽ اسلام جي محققين مان هڪ هو. وزيراعظم چيو ته عبدالله مرحوم جو سروس دوران ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ محنت س??ل سرونٽس جي لاءِ پوئلڳ?? قابل رول ماڊل آهي. اسان جو?? سموريون همدرديون مرحوم جي گهروارن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ انهن ??ي صبر جميل عطا فرمائي.