ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گه?? آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چ??و ته غيرمعمولي برساتن سبب وسي?? پئماني تي نق??ان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نق??ان سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نق??ان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چ??و ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گه??ن تائين پهچائي وڃي، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گه??جي، زخمين کي به فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چ??و ته جن متاثرين جي گه?? مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته جيستائين آخري متاثر گه?? آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. هن چ??و ته سرنديءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گه??جي. هن چ??و ته ان حوالي سان 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.