نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواي?? تي بريفنگ ڏني ??ئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدم?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني ??ئي. وزيراعظم ماڻ??ن کي محفوظ جاي?? تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ س??ورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني ??عاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.