پشاور – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته مصروف شيڊيول جي باوجود وز??را??ظم ٻوڏ سبب متاثر ضلعي ڊي آءِ خان ??و ٻيو دورو ڪيو آهي ۽ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي نگراني ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وز??را??ظم جي ڊي آءِ خان ??ي دوري جي موقعي تي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪارروائي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان ??ڪومتي کاتن ۽ سياسي پارٽين جي امدادي تنظيمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻوڏ سٽيلن کي کاڌي پيتي جي شين سان گڏوگڏ روڪ امداد به فراهم ڪئي وئي ۽ سگو پل لڙهي وڃڻ کانپوءِ ڦ??ٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، هن انهن سمورن ٻوڏ متاثرن کي خيمن جي فراهمي سميت ضروري شيون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو، ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي، هن چيو ته ٽانڪ زم ۽ نواب حيدر ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير سان ڪوهه سليمان ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڊي آءِ خان کي ٻوڌ کان ??چائي سگهبو. هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ نقصانن جو جائزو وٺڻ جو سروي ۽ ان ??ي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. هن ڪوهستان، سوات، دير، ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ جي ضلعن ۾ رستن جي رابطن جي منصوبن تي نئين سر تعمير جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ جو به مطالبو ڪيو، تقريب ۾ مواصلات وارو وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود ۽ وز??را??ظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام به موجود هئا، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه وز??را??ظم کي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ بحالي جي ڪمن کان ??گاهه ڪيو.