اسلام آ??اد– 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي ??فيس موجب ٻنهي ??ڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ايراني هم منصب امير عبداللهيان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.