اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پ?? پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ پاڪست??ن ج?? سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي وا??س گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان?? سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي وا??س گهرائڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پاڪستان افغانستان ۾ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ پاڪستان?? سفارتي عملي ۽ مشنز جي حفاظت جي لاءِ ??فاظتي انتظامن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.