اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ??يو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪر?? جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذبيح الل?? مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي س??ن ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ ??يو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. هن ??يو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذبيح الل?? مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گ??وپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.