اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي ذهني مريض قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام عمران خان جو چور چور جو ڪوڙو بيانيو ٻڌڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب حڪومت جي ذريعي تعليمي ادارن کي سياسي اکاڙو بڻايو پيو وڃي، نوجوان ورڇ ۽ فساد جي سياست کان پري وڃي رهيا آهن، ٻارن کي گهٽيا سياست ۾ گهلڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب حڪومت جي ذريعي اسڪولن، درسگاهن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ??ي اختيارن جو ناجائز استعما?? ڪندي سياسي اکاڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ ڪنهن به طور تي صحيح نه آهي. هن ??يو ته نوجوان نسل کي خبر آهي ته اها ورڇ، انتشار ۽ فساد تي ٻڌ?? ڪنهن سياست جو حصو نه بڻجندي، اهي ٻار ڄاڻين ٿا ته 2018ع ۾ ملڪ 6.1 جي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو، مهانگائي 3 سيڪڙو هئي، ملڪ ۾ 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي چڪي هئي، سي پيڪ جا منصوبا هلي رهيا هئا، نوجوانن کي روزگار ملي رهيو هو، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ميسر هئي، موٽرويز ٺهي رهيون هيون، ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن هو. هن ??يو ته عمران خا?? جي چار سال جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، عمران خا?? جيڪي الزام هنيا اهي چوريون هن پاڻ ڪيون. هن ??يو ته اختيارن جو ناجائز استعما?? ڪندي ٻارن کي گهٽيا سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، اهو رڳو گهڙين جو معاملو نه آهي، عمران خان اربين رپين جا تحفا ڊڪليئر نه ڪيا، گهڙي خريد ڪرڻ کان اڳ وڪرو ڪئي ۽ بعد ۾ پئسا جمع ڪرايا ويا. هن ??يو ته چار سال ملڪ تي پروپئگنڊه گروهه مڙهيل هو، اختيار موجود هئا، ادارا ۽ رڪارڊ به موجود هو، ه?? جيڪي الزام هنيا، اهي هڪ به ثابت نه ڪري سگهيا. هن ??يو ته ٻين کان 40 سالن جو حساب وٺندڙن کي پنهنجو چئن سال جو حساب ڏيڻ گهرجي، عمران خا?? جي دور ۾ انرجي مافيا ۽ پيٽروليم مافيا ڌاڙا هنيا، عمران خان کي پنهنجي چورين جو حساب ڏيڻو پوندو.