اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پنجاب ۽ ڪيليفورنيا واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم سميت گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسيمبلي ميمبر ايلوائس ريئس، مائيڪ گپسن ۽ و??نڊ?? ڪيريلو شامل هئا. ڪيليفورنيا جي اسيمبلي ميمب??ن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ڪيليفورنيا ۽ پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ڪيليفورنيا گ??يل دلچسپي جي شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عوام سان عوام جي رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪست??ن آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.