لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 2023ع تائين ??رڪ??ه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما موڪليا ??يندا، هن خيمن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??رڪ??ه موڪلڻ کان اڳ رينڊم چيڪنگ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??رڪ??ه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي جلد ??ان جلد پهچ تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير ۽ ??رڪ??ه ۾ پاڪستان جي سفير بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 23 مارچ تائين ??رڪ??ه ۽ شام 34 اڏامون امدادي سامان کڻي وينديون، انهن اڏامن ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما، 38 هزار ڪمبل ??رڪ??ه لاءِ ۽ 22 هزار ڪمبل ۽ 10 هزار راشن جا پيڪيٽ شام موڪليا ??يندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڄ رات ٻه مال بردار جهاز 220 ٽن امدادي سامان کڻي ??رڪ??ه جي لاءِ روانا ٿيندا. ان کانسواءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ??رڪ??ه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ پاڪستان نيوي جو ٻيو سامونڊي جهاز سامان کڻي روانو ٿيندو. وزيراعظم ??رڪ??ه ۽ شام جي لاءِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي، ??رڪ??ه ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزارت معاشي مسئلن جي باوجود امدادي سامان جي پيداوار ۽ پهچ جي لاءِ گهربل وسيلا مهيا ڪيا جيڪا سراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، ناڻي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ??رڪ??ه ۽ شام ۾ مقرر سفيرن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي زلزلي سٽيلن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارا زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا جمع ڪرائي رهيا آهن.