ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ما??ر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪ??دي چيو آهي ته ما??ر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي پناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، ما??ر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو بي مثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽوزرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو بهادر ۽ مدبر عورت ۽ پروقار شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي وسيع تر مفاد کي مٿانهون رک??دي آمريت جي خل??ف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏ??ن نه وساريندي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون اسان سڀن?? جي لاءِ مشعل راهه آهي. ما??ر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو هر جيالي ۽ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي.