اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري از??لي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي محتسب ب??وچ??تان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي محتسب ب??وچ??تان صدر کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري از??لو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، ب??وچ??تان جي عوام کي محتسب جي ڪر??ار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موقعي تي صوبائي محتسب صدر کي 2021ع جي اداري جي ڪر??ار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي محتسب ب??وچ??تان چيو ته صوبائي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون جن مان 1043 شڪايتن جو از??لو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪايتون تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته ب??وچ??تان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.