اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سوسنگ پئيو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي و?? ۾ ??اريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي واپارين جي لاءِ پ??ڪستان ۾ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي مختلف شعب?? ۾ ??ربيت يافته انساني وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ ڪوريا سان اعليٰ سطح جي رابطن سميت ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.