اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم ر??يس?? ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جي افتتاح کا??پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وف??ن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وف?? ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، تو??نا??ي وارو وف??قي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي جا پارلياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زب??ده جلال شامل هئا.