اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوڪرين جي ڪوٽا لاڳو ٿيڻ سان خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي با??ختيار بڻائڻ ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ شا??ل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ملڪ جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي خصوصي ماڻهن تي ٻڌل آهي، خصوصي ماڻهن جي هنرمندي، انهن جي لاءِ مختلف شعبن ۾ نوڪرين جي موقعن جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي ۽ وفاقي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صوبائي حڪومتن جي نمائندن اجلاس کي خصوصي ماڻهن جي تعليم ۽ استادن جي تر??يت جي حوالي سان قدمن با??ت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ نصاب جي تياري، تر??يت، نوڪرين جي ڪوٽا ۽ مختلف شعبن ۾ نوڪرين جي فراهمي جي حوالي سان قدمن با??ت پڻ ٻڌايو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ اٽڪل 1700 خصوصي ماڻهن کي مختلف مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پروگرام شروع ڪيو آهي، نيوٽيڪ تر??يت ماڻيندڙ خصوصي ماڻهن کي مفت ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪندو، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تر??يت واري وزارت استادن جي لاءِ تر??يتي ماڊيول تيار ڪيا آهن. ٻڌايو ويو ته تر??يت سان خصوصي شاگردن طرف استادن ۾ حساسيت پيدا ڪري سگهبي، تر??يت يافته استاد خصوصي ٻارن جي خصوصي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهندا، وفاقي تعليم واري وزارت 1000 استادن کي تر??يت فراهم ڪندي. صوبن جي نمائندن صوبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ رجسٽريشن مرڪزن جي ڪل انگ با??ت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ مخصوص ڪوٽا لاڳو ڪرڻ با??ت پڻ بريفنگ ڏني وئي. صدر نجي شعبي تي خصوصي ماڻهن کي انهن جي مهارت موجب معيشت جي مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صوبن سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي حوالي سان قانون ٺاهيا آهن، ڪاروباري برادري کي خصوصي ماڻهن جي حقن با??ت آگاهي ڏيڻ گهرجي، ڪنهن خصوصي شاگرد کي ملڪ جي ڪنهن به اسڪول ۾ داخلا کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي، خصوصي ٻارن جي تعليم جي لاءِ اسڪولن ۾ تر??يت يافته استادن جو مناسب انگ هجڻ گهرجي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي حڪومتون خصوصي ماڻهن جي حوالي سان پنهنجي بهترين تجربن کي هڪ ٻئي سان شيئر ڪن. صدر انساني حقن، وفاقي تعيلم ۽ پيشيواراڻي تر??يت واري وزارت ۽ صوبائي کاتن پاران استادن ۽ ماسٽر ٽرينرز کي تر??يت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيو.