اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تب??يل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تب??يل ٿي وي?? آهي. اهو طوفان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪل??مي??ر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪل??مي??ر ??کڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪل??مي??ر ??کڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 مل??مي??ر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪل??مي??ر في ڪلاڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو امڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ان جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طوفان طور ڪيٽي بندر (??کڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو وي?? آهي.