اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ 14 سالا ٻار سميت 4 فلسطيني شه??د ۽ 40 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي جي ل??ءِ دعا ڪريون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ??يون ٿا ته اها فلسطيني عوام جي تحفظ جي ل??ءِ فوري قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مسئلي جو پرامن حل ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ ۾ آهي، اسان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جو گادي ??ارو شهر القدس شريف هجي.