اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اهو م??صوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان اڳ ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي ت?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي ت?? موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي ت?? آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آهي. اهو م??صوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. ان سان ٽريفڪ ج?? وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهو م??صوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان منصوبي ت?? ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ ??هي.