اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) نيشنل آءِ ٽي سيمينار ۽ آءِ ٽي منصوبا سڀاڻي خميس ڏينه?? جاري ٿيندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب سيمينار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خص??صي قدمن، ناڻي، دفاع، دفاعي پيداوار، پرڏيهي معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير شرڪت ڪندا. سيمينار ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستا?? جا وڏا وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين، آءِ ٽي ماهر، سينيئر آرمي ۽ سول آفيسر شرڪت ڪندا. نار ملڪن، چين ۽ گڏيل عرب امارات مان ان??سٽري ليڊرز ۽ سفارتڪارن سميت اهم پرڏيهي شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون. سيمينار جو اهتمام خص??صي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت ڪيو پيو وڃي. نيشنل آءِ ٽي سيمينار جو مقصد آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جو گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي گڏ ڪرڻ آهي. سيمينار علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ ۽ ملڪ جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آءِ ٽي ان??سٽري جي بي پناهه صلاحيت آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن، بزنس پروسيس ري انجنيئرنگ (بي آر پي) ۽ مصنوعي ذهانت جي انضمام جي ذريعي ٻين صنعتن کي پڻ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. سيمينار ۾ آءِ ٽي سيڪٽر تي نئين بجيٽ اثرن، صنعتي منظرنامي، آءِ ٽي روانگي واپار کي مختصر کان وچولي مدي تائين وڌائڻ جي قدمن تي غور ٿيندو. سيمينار ۾ گهربل مهارتن جي ترقي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوششن، ڪاروباري ادارن ۽ اسٽارٽ اپس کي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيل سان روشني وڌي ويندي. پاليسين جي تسلسل ۽ ڪاروباري آساني تي ايس آئي ايف سي جي اثرن کي پڻ اجاگر ڪيو ويندو. سيمينار ۾ پاڪستان جي وڏي آءِ ٽي ڪمپنين جي اسٽالز جي نمائش ٿيندي. سيمينار ۾ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، باغ جي عورتن لاءِ پهريون ناليج پارڪ (اي جي اينڊ ڪي)، ايگري ٽيڪ ان??يوبيٽر فيصل آباد ۽ سينٽر آف ايڪسي لينس ان گيمنگ اينڊ ا??ني ميشن پڻ شامل هوندا.