اسلام آباد – 26 – جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌ??ئڻ?? پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس جي ??اء?? پاڪستان جي نامزد سفير جاويد احمد عمراڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان تيونس سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. صدر چيو ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تيونس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جهڙن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي ??اء?? او آءِ سي بابت تيونس جي ويزن کي ساراهيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد تي تيونس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير مختلف فورمز تي اسلامو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪر??. صدر چيو ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪر?? رهيو آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪر?? رهيو آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تيونس جي ڪاميابي جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.