اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وز??را??ظم هي لي فينگ کي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو. چين جي نائب وز??را??ظم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ??يو??ن صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين جي نائب وز??را??ظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وز??را??ظم کي هلال پاڪستان جو اعزاز ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ??يو??ن صدر اچڻ تي چين جي نائب وز??را??ظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي نائب وز??را??ظم هي لي فينگ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.