اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان ??اپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آه??، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سان ??نهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان ??اڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني ب??ائ?? ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??ينزويلا جي نامزد سفير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ڪئي. پاڪستان ??ينزويلا سان ??اپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر ب??ائ?? تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان ??ائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سان ڪولمبيا جي نامزد سفير جوليو اينيبل ريانو ويلانڊيا پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پاڪستان سان ??طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.