اسلام ??با?? – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ مسجدن کي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، عالم اهم سماجي موضوعن تي اسلامي تعليم بابت ماڻهن کي تعليم ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو معاشرتي ۽ سماجي ترقي ۾ منبر ۽ محراب جي ڪردار جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ مذهبي م??املن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي انيق احمد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اوقاف ۽ مذهبي م??املن وارن وزيرن، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اوقاف ۽ مذهبي م??املن وارن ادارن جي سيڪريٽريز ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن جي اخلاقي تربيت، اسلامي م??اشري جي جوڙجڪ ۾ مبر ۽ محراب جو اهم ڪردار آهي، مسجدون مقامي ??با??ي کي تعليم ڏيڻ، رابطي جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ اس??ول?? کان ٻاهر 27 ملين ٻارن کي تعليم ڏيڻ تمام وڏو چئلينج آهي، اس??ول?? کان ٻاهر 27 ملين ٻارن جي تعليم جي ل??ءِ هزارين اسڪول گهربل هوندا، سڄي ملڪ ۾ 2.5 لک کان وڌيڪ مسجدن کي شرح خواندگي وڌائڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، فجر ۽ ظهر جي وچ ۾ مسجدن ۾ ٻارن کي م??هبي تعليم، جديد هنر ۽ تعليم سان ليس ڪري سگهجي ٿو، مسجدون اسلامي اخلاقي قدرن جي فروغ، ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته عالم، خطيب ۽ مدرسا معاشرتي اصلاح، غيبت، عدم برداشت، فيڪ نيوز جهڙين سماجي براين جي خاتمي ل??ءِ ڪم ڪن، وڌندڙ ??با??ي، عورتن جي حقن، بين المذاهب هم آهنگي، رواداري جو فروغ اهم سماجي م??املا آهن، منبر ۽ محراب ۽ عالمن ڪورونا وبا دوران آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو، عالم بيمارين، غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري سميت مختلف موضوعن تي آگاهي پيدا ڪري سگهن ٿا، مسجدن ۾ مذهبي، تعليمي ۽ سماجي سرگرمين سان مقامي ??با??ي سان رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اهم قومي ۽ سماجي موضوعن تي تعليم ڏيڻ ۾ عالمن جي ڪردار جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون.