اسل??م آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فراهمي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ 5 ارب جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان ڀارت سان معاهدي، قومي احتساب بيورو کي رڪارڊ فراهمي، ٽرسٽ فار وولينٽري آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونمينٽس ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ق??نو?? ۽ انص??ف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم ??مران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم مختلف وزارتن پاران عو??مي ڀلائي جي حوالي سان ملندڙ تجويزن کي ڪابينا آڏو رکيو.