اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ??صن??عي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو?? پيداواري لاڳت وڌڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبا??گا??ن تائين پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ان حوالي ??ان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ ??را??ت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.