اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا جهڙي وبا جي خل??ف ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽاف اسان جو هر اول دستو آهي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي هر حال ۾ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن جي ضرورتن موجب حفاظتي سامان فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم تعميراتي شعبي جي بحالي جا ثم?? هيٺئين طبقي خاص طور ??ي مزدورن تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.