اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صاد?? سنجراڻي سان سينيٽر تاج محمد آفريدي ملاقات ڪئي. سينيٽ جي سيفران بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي چيئرمين سينيٽر تاج محمد آفريدي پاڪستان افغانستان سرحد تي عوام کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر تاج آفريدي پاڪ افغان سرحد تي ڦاٿل مال بردار گا??ين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي طرفن جي عوام کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن.