ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن صوبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن سان واڳيل سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پا??ان ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ ??وال جي جواب ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته شروع ۾ ئي ا??ن سي ا?? سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.