اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) من??وبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 20 جون تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيجن تي ۽ 546 وينٽي ليٽرز تي هئا، ڪالهه الحمدالله اهو انگ گهٽ ٿي آڪسيجن تي 1762 ۽ وينٽي ليٽرز تي 394 هئا، يعني 28 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي انتظامي ڪارروائي جو ۽ سڀ کان ??هم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي نمايان آهي. هن چيو ته ??هم ڳالهه اها آهي ته ڪورونا جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪنداسين ته صحت به محفوظ هوندي ۽ روزگار به هلندو رهندو، نه ته جيڪو آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي خدا نه ڪري اسان وٽ به ٿي سگهي ٿو.