اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي جنهن ۾ هندستاني حڪومت بدترين لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو آهي ۽ بي گ??اه?? ماڻهن کي انساني حقن جي پائمالي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن اڄ ايوان صدر ۾ بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي صدر گيبريلا ڪوئيوس بيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.