اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي متاثرين ج?? لاءِ فوري امدادي سامان موڪليو پيو وڃي، هنگامي امدادي سامان ۾ خوراڪ، تنبو، ڪمبل ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي ٻين ڌرين سان ??ڏجي امدادي سامان جو ا??تظ??م ڪيو آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي امداد موڪلڻ جو اعلان ??يو هو.